Post by Moolchand Malhi
Associate Professor
**لاهور، پنجاب ۾ سنسڪرت ۽ هندي (سنڌ ۾ ڇو نه؟)** لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنسز (لمز) سنسڪرت ۽ هندي ۾ ڊگري پروگرام شروع ڪيا آهن. پروفيسر شاهد رشيد لَمز ۾ سنسڪرت پڙهائين ٿا. سندن هڪ انٽرويو بي بي سي نيوز (بتاريخ ۲٦ جون ۲۰۲٦) ۾ پڻ شايع ٿيو آهي۔ الفريڊ ڪوپر وولنر (1876–1936)، جيڪو پنجاب يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر (1928–1936) رهيو ۽ جنهن جو مجسمو يونيورسٽي جي ٻاهران نصب آهي، سنسڪرت جو وڏو عالم هو. سندس گڏ ڪيل سنسڪرت جي 200 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ مذهبي صحيفن جا مجموعا پنجاب يونيورسٽي ۾ موجود آهن، جن مان اسان علمي فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا۔ پروفيسر شاهد رشيد، وولنر جي مثال ڏيندي چيو ته سنسڪرت، هندي ۽ ٻين علائقائي ٻولين سان اسان جو پراڻو تعلق رهيو آهي، جيڪو اسان جي روايتن، رسمن ۽ ثقافت کي ظاهر ڪري ٿو. سندن خواب آهي ته هڪ "سنسڪرت ڪميونٽي" قائم ڪئي وڃي، جيڪا سنڌي، اردو ۽ ٻين ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن وڌيڪ زور ڏيندي چيو ته ڪنهن به ٻولي کي "ٻين جي" يا "پرڏيهي" ٻولي سمجهڻ هڪ تعصب آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔ تازو، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اسڪولن جي نصاب ۾ سنسڪرت ۽ هندي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اهي مضمون سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين جي ٻولين جي شعبن ۾ ڊگري ڪورسن طور پڻ متعارف ڪرائي سگهجن ٿا. سنڌي ٻولي جون پاڙون سنسڪرت سان ڳنڍيل آهن. سيد سردار علي شاهه نه رڳو انجنيئرنگ جا گريجوئيٽ آهن، پر ادب سان به گهري دلچسپي رکن ٿا ۽ علائقائي ٻولين ۽ ثقافت جي اهميت کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا. ان کان علاوه، هو سنڌ حڪومت ۾ ثقافت واري وزير طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن۔ Moolchand Malhi